مواد ڏانھن هلو

مٿيون ايوان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فرانس جي سينيٽ

مٿيون ايوان ، ايوان بالا(انگريزي: upper house) ٻہ ايواني(انگريزي: bicameral) يا ٽي ايواني(انگريزي: tricameral) پارليامينٽٽ جو ھڪ ايوان جتي بحث ٿيندو آهي [1] ھي ايوان اختيارن ۾ ھيٺين ايوان کان گھٽ اختيار وارو يا محدود اختيارن وارو آھي. اھڙا قانون ساز ادارا جيڪي ھڪ ايوان وارا ھوندا آھن انھن ۾ مٿيون ايوان يا ھيٺيون ايوان ڪانہ ٿيندو آهي.پارلياماني نظام ۾ سينيٽ جا اختيار محدود ھوندا آھن ء ان جو ڪردار مشاورت ۽ نگراني وارو ھوندو آھي ۽ انتظاميہ تي ان جو ضابطو نہ ھوندو آھي

ايوان جا نالا

[سنواريو]

ھن ايوان جا مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا آھن جن مان ڪجهه ھيٺ ڏنل آھن.

  • سينيٽ: پاڪستان، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، آسٽريليا، فرانس، اٽلي
  • راجيہ سڀا: انڊيا
  • ھائوس آف لارڊز: يونائيٽيڊ ڪنگڊم
  • فيڊريشن ڪائونسل:روس
  • شيئانڊ(انگريزي: Seanad): آئرلينڊ
  • ديوان نيگارا: ملائيشيا
  • بنڊس راٽ(انگريزي: Bundesrat):جرمني
  • ڪائونسل آف اسٽيٽس: سوئيٽزرلينڊ

مٿئين ايوان ۽ ھيٺين ايوان ۾ فرق

[سنواريو]

مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان ھيٺين مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڳالھ جي ڪري مختلف ھوندو آهي

اختيار:

  • پارلياماني نظام ۾ مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان اختيارن ۾ گھٽ ھوندو آھي، تنھنڪري اھڙن ملڪن ۾ مٿين ايوان ۾
    • ووٽنگ جو عمل صرف محدود قانوني معاملن تي ٿيندو آهي يا
    • امن ۾ مالياتي معاملن ۾ ووٽنگ نہ ٿيندي آهي.
    • ھي ايوان حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ووٽنگ جو اختيار نہ رکندو آهي.
  • صدارتي نظام ۾
    • ھن ايوان جا اختيار ھيٿين ايوان جي اختيارن برابر ھوندا آھن
    • ھن ايوان کي مخصوص اختيار بہ ھوندا آھن جيڪي ھيٺين ايوان کي نہ ھوندا آھن جھڙوڪ:
      • ھي ايوان ڪابينہ جي وزيرن، ججن ، سفيرن جي مقرري جھڙن معاملن وارن انتظامي فيصلن ۾ مشورو ۽ مرضي ڏيندو آهي.
      • ھيٺين ايوان طرفان قرارداد پاس ٿيڻ جي صورت ۾ ھي ايوان حڪومتي عھدن تي يا آفيسن تي مقرر ٿيلن جي خلاف مواخذي(انگريزي: impeachment) جون ڪاروائيون ڪندو آھي.
      • ھن ايوان کي عھدنامن يا حڪومتي معاھدن جي توثيق ڪرڻ جو بہ اختيار ھوندو آھي.

رتبو

  • ڪجهه ملڪن ۾ ھن ايوان جي ميمبرن جي چونڊ سڌي طرح يا اليڪشن ذريعي نہ ٿيندي آهي پر اڻ سڌي طرح، وراثت ، يا ايڪس آفيشو (مقرري) ذريعي ٿيندي آهي
  • ھن اداري جي ميمبرن جي اليڪشن ۾ ووٽنگ جو طريقو ھيٺين ايوان جي طريقي کان مختلف ھوندو آھي. ھن ايوان ۾ متناسب نمائندگي ذريعي اليڪشن ٿيندي آھي.
  • گھٽ آبادي واري رياستن ، صوبن ۽ انتظامي تقسيم ٿيل علائقن جي ھن ايوان ۾ نمائندگي بھتر طريقي سان ٿيندي آھي. جيئن پاڪستان ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جون سينيٽ ۾ سيٽون آبادي جي تمام وڏي فرق باوجود برابر آھن.
  • ھن ايوان ۾ ميمبرن جو مدو ھيٺين ايوان جي ميمبرن جي مدي کان وڏو ھوندو آھي. ڪنھن ڪنھن ملڪ ۾ تہ ھن ايوان جي ميمبر تاحيات ميمبر رھندو آھي.
  • ڪن ملڪن ۾ مٿئين ايوان جي تحليل نہ ٿيندي آهي
  • اڪثر مٿئين ايوان جا ميمبر تعداد ۾ ھيٺين ايوان جي ميمبرن کان گھٽ ھوندا آھن.
  • ھن ايوان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اميدوار جي عمر جي مقرر حد ھيٺين ايوان جي ميمبرن لاء گھربل حد کان وڏي ٿيندي آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Bicameralism (1997) by George Tsebelis
pFad - Phonifier reborn

Pfad - The Proxy pFad of © 2024 Garber Painting. All rights reserved.

Note: This service is not intended for secure transactions such as banking, social media, email, or purchasing. Use at your own risk. We assume no liability whatsoever for broken pages.


Alternative Proxies:

Alternative Proxy

pFad Proxy

pFad v3 Proxy

pFad v4 Proxy